سهراب سومرو

سهراب سومرو

سهراب سومرو

سهراب سومرو: مشهور سنڌي مزاحيه اداڪار ۽ ڳائڻو، 25 آگسٽ 1976ع تي روهڙيءَ ۾ ڄائو. هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ماسٽرس ڪئي. هو سمورن سنڌي سيٽلائيٽ چئنلن: ڪي. ٽي. اين، ڪشش، سنڌ ٽي. وي، مهراڻ ٽي. وي، آواز ٽي. ويءَ تي ميزبان، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر طور ڪيئي شو پيش ڪري چڪو آهي. کيس ٽن پٽن جو اولاد آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو